سيد وريل شاهه

سيد وريل شاهه

سيد وريل شاهه

سيد وريل شاهه: سيد وريل شاهه ولد بچل شاهه نقوي 1907ع ڌاري رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ابتدائي طور دنيوي تعليم سان گڏ اسلامي تعليم به پرايائين. هن 26 سالن جي ڄمار ۾ سياست ۾ پير رکيو ۽ 1933ع ڌاري رتيديري ميونسپالٽيءَ جو ميمبر ٿيو ۽ بعد ۾ نائب صدر ۽ صدر ٿي رهيو. ان دوران رتيديري شهر جي ترقيءَ ۽ ماڻهن جي فلاح خاطر ڪافي ڪم ڪيائين. آزاديءَ جي تحريڪ ۾ به سرگرم رهيو. سندس سياسي لاڳاپو مسلم ليگ سان هو. انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جي مرڪزي رهنما فضل الله قريشيءَ جي ويجهن ساٿين ۾ شمار ٿيندو هو. مسلم ليگ لاڙڪاڻي جو صدر به رهيو. وٽس تقرير جو سٺو ڏانءُ هو. علامه اقبال جي شاعريءَ جو گهرو مطالعو هئس. هن کي علم، ادب سان خاص لڳاءُ هو ۽ شاعري به ڪيائين. شاعريءَ ۾ ’پياسي‘ تخلص ڪتب آڻيندو هو. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ضلعي لاڙڪاڻي جو سرگرم اڳواڻ سيد بچل شاهه ۽ ناميارو شاعر سيد غضنفر علي شاهه ’راجا‘ سندس فرزند آهن، جڏهن ته نيب جو سابق چيئرمئن ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو اڳوڻو چيف جسٽس سيد ديدار حسين شاهه رشتي ۾ سندس ڀائٽيو آهي.
سيد وريل شاهه، 17 ڊسمبر 1970ع تي وفات ڪئي.


لفظ سيد وريل شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو